اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان کي پورو يقين آهي ته 2018ع ۾ اسان 2013ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر پاڪستان ڇڏي وينداسين، پوري اميد آهي ته 2018ع ۾ به مسلم ليگ (ن) ٻيهر اقتدار ۾ ايندي، اسان چاهيون ٿا ته جيڪو به اقتدار ۾ اچي ان کي هڪ بهتر پاڪستان ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان جي هدفن ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ شامل آهي، اهو اسان جي ۽ سمورين سياسي پارٽين جي منشور جو به حصو آهي ان کانسواءِ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ به??ري آڻڻ به اسان جي اولين ترجيحن ۾ آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي حيثيت سان ذميواريون وفاقي وزير کان ??خت??ف هونديون ??هن?? وفاقي وزير رڳو هڪ کاتي جو ذميوار جڏهن ته وزيراعظم اندروني ۽ ٻاهريون ذميواريون به نڀائي ٿو.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر