اسلام آ??اد – 09 مئي (اي پي پي) پاڪستاني ڄاون فر??نسيسي شيف ”واحد ڀائرن“ جي اعزاز ۾ اسلام آ??اد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ غير رسمي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب خصوصي دعوت تي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ فر??نس جي سفير مارٽن ڊورينس به موجود هئي. فر??نسيسي کاڌن تي پاڪستاني ڄاون شيف واحد ڀائرن خوب داد وصول ڪيو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ فر??نس جي سفير به واحد ڀائرن جي کاڌن جي واکاڻ ڪئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب مشهور شيف ڀائرن سلويسٽر واحد ۽ جوناٿن واحد جي پاڪستان آمد جي آجيان ڪندي چيو ته پرڏيهي ملڪ ۾ رهندڙ ڪيترائي پاڪستاني زندگي جي هر شعبي ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری