گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ روس جي نائب نمائندي دمتري پوليانسڪي چيو آھي ته اسرائيل امن جي ڳالھين کي عالمي برادري کي گمراھه ڪرڻ ۽ غزه ۾ پنھنجي حقيقي ڏوهه کي دنيا کان لڪائڻ لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سان ??طاب ۾ روسي نمائندي اسرائيلي حڪومت تي الزام لڳايو ته ھو ضد سان گڏ فوجي مسئلي جو حل ڳولهي ڪري رھيو آھي ۽ غزه ۾ جاري پنھنجي فوجي ڪارروائين جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي فيصلن کي نظر ا??داز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ اسرائيلي عوام ٻئي ان ڳالھه تي اتفاق ڪن ٿا ت?? غزه ۾ جاري جنگ ??و حل صرف ڳالھين سان ??ي ممڪن آھي جڏھن ته بدقسمتي سان ??سرائيلي قيادت ڳالھين کي عالمي برادري جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ اسموڪ اسڪرين جي طور تي استعمال ڪري رھيو آھي. ڏکڻ غزه ۾ ھڪ سرنگهه مان 6 مغوين، جن ۾ ھڪ روسي شھري پڻ موجود ھو، جا لاش ملڻ جو ذڪر ڪندي ھن مغوين جي فوت ٿيڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ت?? غزه ۾ اسرائيلي آپريشن دوران مغوين جي زنده بچڻ جا ام??ان گھٽ آھن. ان موقعي تي سلامتي ڪائونسل سان ??طاب ۾ گڏيل قومن جي اختيارين سمورن مغوين جي آزادي ۽ غزه ۾ فوري جنگ ??ندي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو.
اسرائيل امن ڳالھين کي عالمي برادري کي گمراھه ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي: روس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر