رياض-21 فيبروري (اي پي پي )صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) خبردار ڪيو آهي ته سعودي عر?? ۾ “مرس” نالي وبا پکڙجڻ لڳي آهي. العربيه موجب سعودي عر?? جي صحت واري وزارت ذريعي ڊبليو ايڇ او کي “مرس ”نالي وبا جي واقعن بابت هن هفتي اط??اع مليو آهي جنهن تحت ڇهن مهينن ۾ مملڪت ۾ چار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن مان ٻه فوتگيون به ٿيون آهن. اهي ڪيس رياض جي اوڀر پاسي قسيم جي علائقن ۾ رپورٽ ٿيا آهن. ڪيسن جي ليبارٽري تصديق لاءِ ريئل ٽائم پوليمريز چين ري ايڪشن جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي وئي آهي . انهن 4 ڪيسن ۾ ٻن مردن ۽ ٻن عورتن کي بيمار ي ٿي آهي. انهن جي ڄمار 59 کان 93 سال جي وچ ۾ هئي ۽ ٻئي سا?? 15 ??يپٽمبر 26 آڪٽوبر جي وچ ۾ پنجن هفتن دوران بخار کنگهه ۽ ساهه جي گهٽتائي سميت علامتون پيدا ٿيون. بخ??ر سبب ٻه فوتگيون 19 آڪٽوبر ۽ 24 ڊسمبر تي رپورٽ ڪيون ويون هيون .
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی