صنعا- 01- فيبروري (اي پي پي) ڳاڙهي سمنڊ مان گذرندڙ سامون??ي جهازن تي حوثين جي حملي ۽ حوثين جي ٺڪاڻن تي آمريڪي فضائي حملن سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي ج??هن سان ان اهم واپاري لنگهه کي ا??تع??ال ??ند?? وڏيون ڪنٽينر ڪمپنيون پنهنجي سامون??ي جهازن جو رستو تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيون آهن ج??هن سان ا??هن جي خرچن ۾ اضافو ٿيڻ سان گڏوگڏ يورپي ۽ آفريقي سپلائي چينز تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. شنهوا جي رپورٽ موجب ڳاڙهي سمنڊ ۾ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۾ تقريبن ٽن مهينن کان اضافو ٿي رهيو آهي. تجزيه ڪارن خبردار ڪيو آهي ته هي صورتحال ڳاڙهي سمنڊ کي انتقام ۽ جوابي انتقام لاءِ ميدان جنگ بڻائي سگهي ٿي ج??هن سان نه ??ڳو خطي ۾ غير متوقع واقعا پيش اچي سگهن ٿا پر تڪرار وسيع تر علائقي ۾ پکڙجي سگهي ٿو. يمن جي حوثي باغين طرفان اربع ڏي??هن ڳاڙهي سمنڊ ۾ هڪ آمريڪي سامون??ي جهاز تي ڪيترائي ميزائل فائر ڪيا ويا.ان قدم عالمي جهاز راني کي متاثر ڪيو آهي ۽ خطي ۾ وسيع تر تڪرارن جو خدشو وڌي ويو آهي. حوثين چيو ته هنن آمريڪي جنگي جهاز يو ايس ايس گريولي کي غزه ۾ فلسطينين جي حمايت ۽ يمن خلاف آمريڪي قيادت ۾ جارحيت جي جواب ۾ نشانو بڻايو. هنن ڳاڙهي سمنڊ ۽ عربي سمنڊ ۾ سمورن آمريڪي ۽ برطانوي جنگي جهازن کي جائز هدف قرار ڏنو ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ٿيڻ تائين اسرائيلي جهازن کي ڳاڙهي سمنڊ مان گذرڻ کان روڪڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. حوثي آڪٽوبر جي آخر کان ڳاڙهي سمنڊ مان گذرندڙ سامون??ي جهازن تي 30 کان وڌيڪ حملا ڪري چڪا آهن. يمني تجزيه ڪار ياسين تميمي چيو ته حوثين وٽ بحران کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ هاڻي ڪافي طاقت موجود آهي ڇاڪاڻ ته آمريڪي فضائي حملن ا??هن جي صلاحيتن کي وڏي پئماني تي متاثر ناهي ڪيو.گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقي جي انگن اکرن موجب ٻن مهينن کان نهر سويز ذريعي روزاني جي آمدرفت ۾ 39 سيڪڙو ۽ هتان کان گذرندڙ ڪارگو جي وزن ۾ 45 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، اهڙي طرح ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ سان چين کان يورپ تائين پهچ جي لاڳت وڌي وئي آهي ج??هن سان عالمي واپار متاثر ٿيو آهي. بلومبرڪ جي هڪ رپورٽ موجب وڏي بيمه ڪمپنين جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته هو ڳاڙهي سمنڊ کي پار ڪندي وقت آمريڪي ۽ برطانوي سامون??ي جهازن کي انشورنس ڪوريج کان ڪڍي ڇڏيندا آهن، وڌيڪ انڊر رائٽرز جهازن کي سندن ملڪن کان پري رهڻ لاءِ چئي رهيا آهن، ج??هن جي نتيجي ۾ لاجسٽڪس ۽ لاڳت جا چئلينج پيدا ٿي رهيا آهن، ڪلارڪسن سيڪويرٽيز هڪ تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ايشيا ۾ موڪلن کان پهرين سامان گهرائيندڙن لاءِ ڪمپنين طرفان جلد بازي سامونڊي سپلائي چين جي موجوده مسئلن کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي، ان پس منظر ۾ ايران ۽ آمريڪا جا هڪٻئي کي ڌمڪي آميز بيان ڳاڙهي سمنڊ کي ميدان جنگ ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا، ڳاڙهي سمنڊ جي بحران کان متاثر ٿيندڙ سمورن آفريقن چيو ته هو علائقائي جنگ کان بچڻ چاهين ٿا پر ان سان گڏوگڏ هو خطرن کي م??هن ڏيڻ جي ذميواري هڪ ٻئي تي وجهڻ چاهين ٿا، ان پس منظر ۾ رابطن جي کوٽ ۽ سفارتڪاري ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش غلط اندازن ۽ غير ارادي نتيجن جي امڪانن جي باري ۾ خدشن کي جنم ڏئي رهي آهي.
ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو عالمي جهاز راني لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيو آهي: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں