ن??ين دهلي -13 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۾ بس ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. چين جي خابرو اداري مطابق ڀرت پور ضلع جي ٽريفڪ پوليس ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته جئه پور- آگرا شاهراه تي گجرات رياست کان مسافرن کي کڻي مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ اتر پرديش ويندڙ بس فني خرابي سبب انت??ا فلاءِ اوور تي بيٺي هئي ته ان دوران پٺيان آيل هڪ ٽرالر بس کي زوردار ٽڪر هنيو جهن جي نتيجي ۾ 6 عورتن سميت 11 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 12 زخمي ٿي پيا. ترجمان ٻڌايو ته فوتين ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. مق??مي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ڀارت ۾ هر سال ڏيڍ لک ماڻهو روڊ حادثن جو شڪار ٿيندا آهن. حڪومت 2024ع تا??ين روڊ حادثن ۾ ٿيندڙ فوتگين جو 50 سيڪڙو تا??ين انگ گهٽائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش