جده -10 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته ننڍي عمر وارا ماڻهو هاڻي اڪيلا عمري لاءِ ??عودي عرب اچي سگهن ٿا، تنهن هون??ي به انهن جي عمر 18 سالن کان گهٽ نه هئڻ گهرجي. سعودي اخبار مطابق حج ۽ عمري واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڀني عمره ڪمپنين ۽ ادارن کي چيو ويو آهي ته هو نئين عمره سيزن دوران پرڏيهه مان ايندڙ عمره زائرين جي حوالي سان مقرره قاعدن ۽ ض??بطن جي پابندي جاري رکن. وزارت چيو ته پرڏيهه مان ايندڙ عمره زائرين جي عمر 18 سالن کان گهٽ نه هئڻ گهرجي. وزارت چيو ته عمره ڪمپنيون ۽ ادارا پرڏيهي زائرين لاءِ ??مره پيڪيج جي دائري ۾ گهربل سهولتن جو انتظام ڪن. عمره ويزي جي جاري ڪرڻ لاءِ مل?? اندر ٽرانسپورٽ، انشورنس ۽ بنيادي خدمتن جي بڪنگ ضروري آهي. عمره پئڪيج جو وقت مل?? اندر عمره زائرين جي قيام جي حقيقي عرصي مطابق هئڻ گهرجي، مملڪت ۾ داخل ٿيڻ جي تاريخ ??ان 90 ڏينهن تائين قيام ڪري سگهجي ٿو. عمره سيزن جي پڄاڻي جي حوالي سان انتهائي حد 29 ذوالقعد 1445هه هوندي.
ننڍي عمر وارا هاڻي اڪيلا عمري لاءِ سعودي عرب اچي سگهن ٿا: سعودي حج ۽ عمري واري وزارت
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے