اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ڪرسمس جي پُرمسرت موقعي تي پاڪستان سم??ت سڄي دنيا ?? رهندڙ مسيحي ڀينرن ۽ ڀائرن کي مبارڪ پيش ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي مسيحي برادري طرفان ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام خاص طور تي تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ قوم جي تعمير جي شعبن ۾ ڪيل مثالي تعاون تي کين خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. پاڪستان حڪومت سم??رين مذهبي برادرين جي حقن جي تحفظ ۽ احترام جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق ڪرسمس 2024ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪرسمس جي موقعي تي مان پاڪستان سم??ت سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام همدردي، مهرباني، رحم ۽ حڪمت جهڙين پائيدار قدرن جي تربليغ ڪئي، ماڻهن جي نيڪ زندگي طرف ??هن??ائي ڪئي ۽ کين رب العزت جي قربت حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي مسيحي برادري طرفان ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام خاص طور تي تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ قوم جي تعمير جي شعبن ۾ ڪيل مثالي تعاون تي پڻ خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. حڪومت سم??رين مذهبي برادرين جي حقن جي تحفظ ۽ احترام جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا رهنداسين ته سم??رن مذهبن جا ماڻهو آزاد طور تي پنهنجي عقيدن تي عمل ڪري سگهن ۽ پاڪستاني قوم جي اجتماعي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو وِجهن. هن چيو ته ان پُرمسرت موقعي تي منهنجي دُعا آهي ته هي ڪرسمس هر گهر ۾ خوشيون ۽ برڪتون آڻي ۽ ايندڙ سال اسان جي پياري ملڪ ۽ ان ?? رهندڙ ماڻهن لاءِ اميد، امن ۽ ڪاميابين سان ڀريل هجي. سڀني کي ڪرسمس جون مبارڪون هجن.
مسيحي ڀينرن ۽ ڀائرن طرفان ملڪ جي ترقي ۽ اتحڪام لاءِ ڪيل مثالي سهڪار کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے