اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر ??عظم نذير تارڙ چيو آه?? ته پاڪستان جو آئين ملڪ ۾ رهندڙ سمورين قوميتن کي برابر حق فراهم ڪري ٿو، باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح پڻ اقليتن کي برابر حقن جي فراهمي جي خاطري ڪرائي، اقليتي برادري جي پراڻي مطالبي تي قانون واري وزارت اڳ ۾ ئي قومي اقليتي ڪميشن قائم ڪرڻ جو مسود?? وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪري ڇڏيو آه?? جيڪو ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري جي ل??ءِ خوشخبري آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس (پي اين سي اي) جي تعاون سان ”دي اسلام آباد ڪرسچين فيلوشپ“ جي اهتمام هيٺ ڪرسمس جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران جوڙيل ون مين مينارٽي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر ??عيب سڊل، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر آسيه ناصر، اڳوڻي ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان ۽ پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير ڊاڪٽر ??هير محمد حمدالله زيد خصوصي طور تي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته مسيحي برادري پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آه??، حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ جي ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آه??. هن چيو ته مسيحي برادري جي ل??ءِ ڪرسمس جي موقعي تي خوشي جي خبر پڻ شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو ته اقليتن جي پراڻي مطالبي تي پهرين قومي اقليتي ڪميشن جوڙي پئي وڃي جنهن کي گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويو آه??. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اهو مسودو جلد پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته هي پهرين قومي اقليتي ڪميشن مڪمل بااختيار هوندي ته جيئن قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ”دي اسلام آباد ڪرسچين فيلوشپ“ کي ان ڪامياب تقريب منعقد ڪرڻ ۽ مسيحي برادري کي انهن جي مذهبي ڏڻ جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اعظم نذير تارڙ ان موقعي تي غزه جي مظلوم فلسطينين سان پڻ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني قوم جي دل فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي ل??ءِ ڏکويل آه??. ان موقعي تي تقريب ۾ مهتمم ڪيپٽن (ر) بابر برنارڊ مسيح وفاقي وزير ۽ ٻين مهمانن جي تقريب ۾ شرڪت جي آجيان ڪئي ۽ هڪ دستاويزي فلم پڻ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ اقليتي برادري خاص طور تي مسيحن جي ڪردار تي روشني وڌي وئي.
دستاويزي فلم ۾ ڊاڪٽر ??يس ڪي ٽريسلر، گروپ ڪيپٽن (ر) سيسل چوڌري (ستاره جرئت)، ميجر جنرل (ر) کوکر (هلال امتياز)، اڳوڻي ايس ايس پي پوليس روبن يامين سهوترا، ڊاڪٽر ??وٿ فائو، ڊاڪٽر ??يلا چائو، برگيڊيئر (ر) ڊاڪٽر ??ابرٽ ۽ ملڪي دفاع جي ل??ءِ قربانيون ڏيندڙ آفيسرن کانسو??ءِ صحت، تعليم، ائٽمي توانائي، سول سروس ۽ ٻين نمايان شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن جي نمايان ڪارنامن جي عڪاسي ڪئي وئي. تقريب کي بشپ آزاد مائيڪل ۽ ڊاڪٽر ??عيب سڊل پڻ خطاب ڪيو. مقررين بين المذاهب هم آه??گي جي اهميت تي روشني وڌي ۽ تاريخي حوالا ڏنا. ان کان اڳ ڪرسمس جي حوالي سان ٽيبلو، ڪيرولس ۽ مذهبي گيت پڻ پيش ڪيا ويا. تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ تقريب جي ڪامياب انعقاد تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. منتظمين پاران م??زز مهمانن کي شيلڊز ۽ گلدستا پڻ پيش ڪيا ويا. تقريب جي پڄاڻي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سلامتي جي ل??ءِ خصوصي دعائن سان ٿي.