اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڍانچه جاتي سڌارا پائيدار اقتصادي ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم آهن جيڪي حڪومت جي پاليسي ايجنڊا جو سنگ بنياد آهن. اهڙو اظهار هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن فنانس ڊويزن ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڍانچاجاتي سڌارا پائيدار اقتصادي ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم آهن جيڪي حڪومت جي پاليسي ايجنڊا جو سنگ بنياد آهن. سينيٽر اورنگزيب سعودي عرب طرفان پاڪستان ل??ءِ مسلسل اقتصادي تعاون جو ٿورو مڃيو ۽ سعودي س??ڙپ??ارن طرفان پاڪستان جي نجي شعبي سان جوائنٽ وينچر ۽ ڪاروباري تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ نئين دلچسپي کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير هلندڙ سال اپريل ۾ پنهنجي واشنگٽن واري دوري دوران سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد الجدعان ۽ سعودي ترقي بابت فنڊ (ايس ا??ف ڊي) جي سي اي او سلطان عبدالرحمان المرشد سان پنهنجي نتيجي وارين ملاقاتن جو به ذڪر ڪيو. هن مئي ۾ اعليٰ سطحي وا??اري وفد جي سعودي عرب کان پاڪستان جي دوري جا اهم نتيجا به ٻڌايا جنهن جو مقصد س??ڙپ??اري جا موقعا ڳولڻ، ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ حصيداري کي وڌائڻ آهي. ملاقات دوران سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي مثبت اقتصادي رفتار جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ اهم اشارن جو حوالو ڏنو جهڙوڪ ڪرنسي جي استحڪام، مهانگائي ۾ گهٽتائي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ واڌ، ڪرنٽ اڪ??ئو??ٽ خساري جو محتاط انتظام ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ٻن مهينن جي آمدني وا??ار کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. سعودي سفير اداره جاتي سڌارن کي لاڳو ڪرڻ ۾ حڪومت پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ حصو وجهڻ لاءِ مملڪت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ س??ڙپ??اري ۽ ڪاروباري موقعن جي بي پناهه امڪانن جو به اعتراف ڪيو. هن اشارو ڏنو ته ايندڙ مهينن ۾ سعودي وا??اري وفد جو پاڪستان جو دورو متوقع آهي ته جيئن گڏيل منصوبن ۽ گڏيل س??ڙپ??اري جي شعبن کي وڌيڪ ڳولي سگهجي.
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان سعودي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia