ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير پاڪستان ۽ يو اي اي جي آءِ ٽي ??مپنين جي وچ ۾ حصيداري تي رائونڊ ٽيبل سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم ش??باز شريف رائونڊ ٽيبل سيشن جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي يو اي اي ۽ پاڪستاني ٽيڪ ڪمپنين جا سربراهه پڻ موجود هئا. شزه فاطمه چيو ته مختلف ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم جي هداي?? تي معيشت، ??ورننس ۽ سوسائٽي ??ي ڊيجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون، آءِ ٽي سيڪٽر موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ۽ ترقي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آهي، حڪومت سنڀاليندي ئي وزيراعظم آءِ ٽي شعبي کي پنهنجي ترجيح قرار ڏنو. ان موقعي تي پاڪستاني ۽ اماراتي آءِ ٽي ??مپينن جي وچ ۾ ٽن معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت