اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف بلوچستان صوبي ۽ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ وڏين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي وڏي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ ا??دا??ي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ ا??دا??ي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومتن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ا??دا??ي ڪاررواين ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن هدايت ڪئي ته متاثرين تائين ا??دا?? جي فراهمي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. وزيراعظم برسا??ن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري بند رستا کولڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم برساتن جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن ??ي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ??رساتن جي نتيجي ۾ پيش ايندڙ مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
وزيراعظم پاران نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي بلوچستان ۾ برسات متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : راکی