اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اومان جي سلطان حاتم بن طارق کي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اومان ۽ پاڪستان جي و?? ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپ?? جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ مختلف شعبن ۾ موجود تعاون جي وسيع صلاحيت تي روشني و??ي. وزيراعظم پاڪ – اومان اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن جي ??رو?? ۽ مضبوطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم مسلمان امت جي و?? ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي ??رو?? سان گڏوگڏ اسرائيل پاران معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. سلطان حاتم بن طارق وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي عوام جي ل??ءِ نيڪ خواهش?? جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي تعاون جي ثمرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي و??يڪ مضبوطي جي ل??ءِ گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اوماني سلطان کي جلد پاڪستا?? جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سلطان حاتم بن طارق پڻ وزيراعظم کي اومان جي دوري جي دعوت ڏني.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جُون اومان جي سلطان حاتم بن طارق کي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : sorteios quina