اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته اسان ا??لامي تعاو?? تنظيم (او آءِ سي) جي غزه ۾ جاري اسرائيلي فوجي جارحيت ۽ رفح شهر تي انڌاڌنڌ حملن ۾ شدت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ بابت بيان جي توثيق ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسلامي تعاو?? تنظيم اسرائيلي جارحيت جي رفتار ۾ ت??سيع ۽ اضافي تي خطري جي گهنٽي وڄائيندي فلسطيني عوام کي انهن کي پنهنجي سرزمين تي زبردستي بي گهر ڪرڻ جي ناقابل قبول ڪوششن جي خلاف خبردار ڪيو آهي. هن چيو ته رفح ۾ 14 لک بي گهر ماڻهن جي خلاف اسرائيل جو بي رحماڻو حملو انصاف جي عالمي عدالت جي عبوري حڪم ۾ بيان ڪيل عارضي قدمن جي واضح خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالب?? ڪري ٿو ته هو گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجي ذميواري پوري ڪري ۽ جنگبندي لاڳ?? ڪرڻ ۽ فلسطيني عوام جي قتل عام کي بند ڪرڻ جي لاءِ فوري مداخلت ڪري. هن چيو ته اسان ڪجهه ملڪن پاران گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪ ايجنسي جي فنڊن کي معطل ڪرڻ جي فيصلي ??ي فوري طور تي واپس وٺڻ جو پڻ مطالب?? ڪريون ٿا. هن چيو ته وڌيڪ فوتگيون ۽ ڏڪار کان متاثر ٿيڻ ۽ مناسب طبي امداد جي عدم دستيابي کي روڪڻ جي لاءِ غزه جو گهيراءُ ختم ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان غزه جي گهيري هيٺ عوام جي پنهنجي اڻٿڪ سفارتي، اخلاقي، سياسي ۽ انساني حمايت ۾ پرعزم آهي.
پاڪستان پاران او آءِ سي جي غزه ۾ جاري اسرائيلي فوجي جارحيت ۽ رفح شهر تي حملن جي مذمت واري بيان جي توثيق
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز