اسلام آباد-05 آڪٽوبر(اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نو??وان ذهنن کي ذميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ استادن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، اسان جو عزم آهي ته هر ٻار عالمي معيار جي تعليم تائين رسائي حاصل ڪري. استادن جي عالمي ڏينهن جي موقع?? تي پنهنجي بيان ۾ هن چ??و ته هن پُرمسرت موقع?? تي آئون پنهنجي استادن جي دل سان واکاڻ ڪريان ٿو جيڪي اسان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته نو??وان ذهنن کي ذميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ اوهان جو ڪردار قدر جوڳو آهي، هن چ??و ته اسان تعليمي نظام ۾ فرق کي ختم ڪرڻ، هڪ منصفاڻو ۽ جامع نظام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان کي پنهنجي شاگردن کي گلوبل ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ گهربل مهارتن ۽ علم سان ليس ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته سمورن استادن کي جديد ترين تدريسي طريقن سان بااختيار بڻائڻ لاءِ مسلسل پيشيوراڻي ترقي جا موقعا فراهم ڪيا ??ڃن، ايندڙ نسل جي پرورش ۾ اوهان جي لگن واکاڻ جوڳي آهي.
نوجوان ذهنن کي ذميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ استادن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن