اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي ٻوڏ متاثرن جي مثالي حمايت تي ٿورو مڃيندي چيو آهي ته هو ٻوڏ متاثرن جي ڏکن جو آواز بڻجي وي?? آهن. پاڪستان کي ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش طرفان ٻوڏ متاثرنجي مثالي حمايت تي سندس ٿورو مڃيون ٿا، سندس ٻن ڏينهن وارو اهو دورو ان انساني سانحي بابت سڄي دنيا ۾ آگاهي ڦهلائڻ لاءِ نه??يت اهم رهيو. سندس همدردي ۽ قائداڻين خصوصيتن مونکي متاثر ڪيو. پاڪستان کي ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت آهي. هن چيو ته شديد گرمي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ امدادي ڪيمپس جي دوري دوران گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهيون ڏسي حيران رهجي وي??. هو ٻوڏ متاثر جي ڏکن جو آواز بڻجي وي?? آهي. دنيا کي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان سندس ڳالهه ٻولهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل طرفان ٻوڏ متاثرن جي مثالي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا