اسلا?? آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي خوني لانگ مارچ ۽ سياست ۽ وفاقي گادي واري شهر تي ڪاهه ڪرڻ بابت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيانن جو سخت نوٽيس وٺندي ان تي شديد ڳڻتي جو اظ??ار ڪيو آهي، جڏهن ته گهرو وزير رانا ثناءُ الله خان چيو آهي ته رياست ??خالف ڪو به لانگ مارچ ٿيو ته ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم ??هب??ز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا عوام کي عمران خان جي 25 مئي جي لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ميڊيا ۽ اطلاعات واري وزارت جي عوام لاءِ هٿياربند جٿن ۽ ان جي اصل چهرن جي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ واکاڻ جوڳي آهي، وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته هن گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي هئي ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هئڻ گهرجي، گهرو وزير رانا ثناءُ الله اجلاس کي ٻڌايو ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هو، وفاقي ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ سڀني اهلڪارن کي پنهنجا فرض چڱي ريت نڀائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم گهرو وفاقي وزير رانا ثناءُ الله، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره سميت 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، گهرو وزير اجلاس کي ٻڌايو ته رياست ??خالف ڪابه لانگ مارچ ٿي ته ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. مولانا اسعد محمود لانگ مارچ رد ڪرڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، وفاقي ڪابينا پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران 25 مئي جي خوني مارچ جي اعلان ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران هٿيارن سان اسلا?? آباد تي حملي جو سختي سان نوٽيس ورتو ۽ ڳڻتي جو اظ??ار ڪيو. گهرو وزير رانا ثناءُ الله لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي عوام ۽ لانگ مارچ دوران خدمتون سرانجام ڏيڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو ٿورو ادا ڪيو، رانا ثناءُ الله ڪابينا کي ٻڌايو ته 25 مئي تي پي ٽي آءِ پاران لانگ مارچ ڪا سياسي سرگرمي نه هئي، پر رياست ??خالف سوچيل سمجهيل سازش هئي، خيبرپختونخوا حڪومت جي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي پي ٽي آءِ هڪ ڏينهن پهريون ڪي پي هائوس ۾ هٿياربند جٿن کي گڏ ڪيو، گلگت بلتستان جي وڏي وزير به پوليس تي حملو ڪيو، رانا ثناءُ الله چيو ته اها ڪا سياسي سرگرمي نه پر واضح طور تي رياست تي حملي جي ڪوشش هئي، وفاقي ڪابينا خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيان جو به نوٽيس ورتو ۽ سخت ڳڻتي جو اظ??ار ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته هن ڀيري اسان پوري قوت سان رياست ۽ وفاقي گادي واري شهر تي حملو ڪنداسين.
وفاقي ڪابينا عمران خان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيانن جو سخت نوٽيس ورتو، ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ