ڪراچي – 24 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي تعليمي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. اها ڳالهه هن اقرا يونيورسٽي جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري 19 هين جلسي کي خطاب ڪندي چئي. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي فني تعليم جي اهميت ري روشني وجهندي چيو ته اس??ن جي تعليم جي اهم جز ۾ اس??ن جي نوجوان نسل جي صلاحيتن کي نکارڻ جي منطقي سوچ ۽ ڪميونيڪشن اسڪلز جو فروغ هجڻ گهرجي ڇو ته ڪل آبادي جو 64 س??ڪڙ?? 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي. هن اقرا يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. صدر چيو ته يونيورسٽي کي گهرجي ته گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري. هن ٽيڪنالاجي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ايندڙ 10 سالن ۾ ڪيتريون ئي شيون بدلجي وينديون، ڏندسازي جو 80 س??ڪڙ?? علم آن لا??ين دستياب آهي، ان لا??ِ نوجوانن کي تعليم ڏيڻ جي لا??ِ اهڙي قسم جي ماڊل کي ٻين مضمونن جي لا??ِ پڻ اختيار ڪري سگهجي ٿو. 40 س??ڪڙ?? کان وڌيڪ يونيورسٽين جو چانسلر هجڻ جي حيثيت سان هايئر ايجوڪيشن ۽ يونيورسٽين جي عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ جديد تعليم جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هن تعليم پرائي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان خوش نصيبت آهيو جو تعليم مڪمل ڪئي آهي پر ڪيترائي ماڻهو ان کان محروم آهن. هن چيو ته توهان گريجوئيٽ آهيو ۽ توهان کي انهن ماڻهن بابت سوچڻو پوندو جيڪي تعليم حاصل نه ڪري سگهيا ۽ توهان کي انهن جي لا??ِ ڪجهه ڪرڻو پوندو. هن ٻڌايو ته حڪومت ملڪ ۾ رهندڙ غريب ماڻهن جي بهتري لا??ِ احساس جهڙا مختلف پروگرام شروع ڪيا آهن.
تعليمي ادارا نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏين: صدر
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais