لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته (ن) ليگ جعلي وڊيو ۽ آڊيو جي ماسٽر آهي، مريم صفدر پنهنجي آڊيو تي قوم کان معافي وٺي، سڀني ڏسي ورتو ته فاشسٽ حڪمران (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ ڪهڙي طرح ميڊيا جو گلو دٻائيندي هئي، تمام جلد پيٽروليم تي عوام کي ريليف ڏنو ويندو، جوڊيشل ريفارمز تي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، نوجوان اسان جو اثاثو آهن ڪامياب جوان پروگرام ذريعي 25 هزار نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ 30 ار?? رپيا فراهم ڪري چڪا آهيون، موجوده حڪومت جي مثبت پاليسين جي ڪري پاڪستاني مصنوعات جو مجموعي روانگي واپار 25 ار?? ڊالر کان وڌي ويو آهي جڏهن ته آءِ ٽي ايڪسپورٽ گذريل سال 2 ار?? ڊالر هو ۽ هلندڙ سال 3 ار?? ڊالر کي ڪراس ڪنداسين، احساس پروگرام تحت گذريل ٻن سالن ۾ ڏيڍ لک مستحق شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي چڪا آهيون جڏهن ته هلندڙ سال 50 هزار شاگردن کي اسڪالرشپ ڏينداسين. هو پهرين ڪاليج آف ڪامرس ۾ ٻي سالياني بزنس اينڊ ڪامرس ڪانفرنس کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. فرخ حبيب ??يو ته اسان جو 22 ڪروڙ جو ملڪ آهي ج??هن ۾ 60 سيڪڙو آبادي ملڪ ۾ نوجوانن جي آهي، اهي اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن ۽ ا??هن تي اسان کي سيڙپڪاري ڪرڻي آهي. اسان کي تعليمي ماهرن ۽ صنعتڪارن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻو آهي. هن ??يو ته يونيورسٽي ۾ شاگردن، آئيڊياز ۽ ٽيلينٽ جي کوٽ نه آهي اڄ ناليج اڪانومي جو زمانو آهي ۽ دنيا وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، اسان کي پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪرڻو پوندو ڇو ته اسان جا چئلينجز تمام وڏا آهن، ??يو وڃي ٿو ته اسان ريسرچ تي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪريون ٿا حقيقت ته اها آهي ته 3 هزار ار?? رپيا قرضن جي قسطن جي مد ۾ ڏيڻا پون ٿا جڏهن ته 34 ار?? صوبن کي ورهايا وڃن ٿا جڏهن ته اسان جي ٽيڪس اوڳاڙي 6 هزار ار?? آهي ۽ اسان شروعات ئي خساري کان شروع ڪئي، سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن به ڏيڻيون پون ٿيون ته وفاق وٽ ان کانپو پئسو بلڪل ئي نه ٿو بچي. هن ??يو ته وزيراعظم بار بار اها ڳالهه ڪري ٿو ته اسان کي دولت پيدا ڪرڻي آهي. اسان کي اڪانومي جي سائيز وڏي ڪرڻي آهي ۽ جي ڊي پي کي به وڌائڻو آهي جڏهن ته روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻو آهي. اسان چاهيون ٿا ته ايترا وسيلا هجن جو عوام تي خرچ ڪري سگهون، حڪومت جو فوڪس آهي ته اسان پنهنجي نوجوانن تي خرچ ڪريون ج??هن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي 100 ار?? رپيا فراهم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته 25 هزار نوجوانن کي پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ 30 ار?? رپين جا قرض فراهم ڪري چڪا آهيون جيڪي ا??هن کي 10 کان 15 سالن ۾ واپس ڪرڻا آهن. هن ??يو ته اسڪل فار آل تحت اسان اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو آهي جڏهن ته هڪ لک وڌيڪ اسڪالرشپ ڏيڻيون آهن. هن ??يو ته پاڪستاني مصنوعات جو روانگي واپار 25 ار?? ڊالر کان وڌي ويو آهي جيڪو 30 ار?? ڊالر تائين پهچندو جڏهن ته اسان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ گذريل سال 2 ار?? ڊالر هئي جيڪا هن سال 3 ار?? ڊالر کان وڌي ويندي. فرخ حبيب ??يو ته ڪورونا معيشت کي تباهه ڪيو، اڄ پاڪستان 10 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسي نيشن ڊوز لڳائي چڪو آهي. هن ??يو ته اسان ماسڪ به پاڻ تيار ڪري رهيا آهيون، ايڪسپورٽ به ڪري رهيا آهيون ۽ وينٽي ليٽرز به ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن ??يو ته ڪورونا دوران وزيراعظم عمران خان ??يو ته ملڪ جا 40 سيڪڙو ماڻهو روزاني اجرت تي ڪم ڪن ٿا ت??هن ڪري لاڪ ڊائون ناهي لڳائڻو ۽ پنهنجي معيشت تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن ??يو ته اسان جو اينڌن نوجوان آهن جن کي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، اميد آهي ته اهي پاڪستان کي صحيح رخ ۾ وٺي ويندا. هن ??يو ته احساس پروگرام تحت اهي خاندان جن جي آمدني 45 هزار کان گهٽ آهي پنهنجي ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ چاهين ٿا ا??هن جي لاءِ پورٽل کليل آهي هيستائين 2 سالن ۾ ڏيڍ لک اسڪالرشپ ڏئي چڪا آهيون، 50 هزار هن سال ڏينداسين. هن ??يو ته جيڪي نوجوان ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿا ا??هن کي 5 لک رپيا بنا وياج جي فراهم ڪنداسين. بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فرخ حبيب ??يو ته 5 ماڻهو جعلي وڊيو جا ماهر آهن جن جي ڪا حيثيت نه آهي جڏهن ته ا??هن تسليم ڪيو ج??هن ۾ مريم صفدر ميڊيا تي پابندي هڻي رهي آهي ميڊيا جو گلو دٻايو پئي ويو، ان مان نظر اچي ٿو ته (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ ڪيتري قدر فاشسٽ هئي، پنهنجي چوري تي پڙدو وجهڻ جي لاءِ ميڊيا تي دٻاءُ وڌو پئي ويو، ان آڊيو ٽيپ تي کيس معافي وٺڻ گهرجي، اڄ ڪهڙي م??هن سان صحافت جي آزادي جي ڳالهه ڪن ٿا. هن ??يو ته (ن) ليگ چئي رهي آهي ته وڊيو جي فرانزڪ ٿيڻي آهي ان تي ايترو ئي يقين آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪري ۽ رڪارڊ جو حصو بڻائي، ان سان گڏ 4 فليٽن جون رسيدون به ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير ??يو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي سٺي ڳالهه آهي جيڪڏهن اهي برقرار رهيون ته عوام کي ريليف فراهم ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ فرخ حبيب ??يو ته جوڊيشل ريفارمز تي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ قانونسازي جي لاءِ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.
(ن) ليگ جعلي وڊيو ۽ آڊيو جي ماسٽر آهي، مريم صفدر پنهنجي آڊيو تي قوم کان معافي وٺي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس