اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران آن لائن فاصلاتي تعليم جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جديد دور جي بدلجندڙ ضرورتن ۽ عالمي معيار موجب فاصلاتي تع??يم?? پاليسي وڌيڪ بهتر بڻائيندي. فاصلاتي تعليم جي پروگرام کي مرڪزي تع??يم?? نظا?? جو حصو بڻائڻ ??ي ضرورت آهي.
ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران آن لائن فاصلاتي تع??يم?? پاليسي تي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته آن لائن فاصلاتي ڪورسز جو مواد مارڪيٽ جي ضرورتن موجب جوڙڻ گهرجي. ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تع??يم?? ادارن ۾ شاگردن جو تعداد وڌائڻ ??ي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف ??لوي ورچوئل يونيورسٽي جي آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم جي پروگرامن جي واکاڻ ڪندي چيو ته تعليم پرائيندڙ شاگردن جي تعداد ۾ اضافي لاءِ ورچوئل يونيورسٽي جهڙن ادارن جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي،
صدر کي ايڇ اي سي پاران بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته آن لائن فاصلاتي تع??يم?? پاليسي جو بنيادي مقصد قاعدن، هدايتن ۽ گهٽ کان گهٽ معيار جو تعين ڪرڻ آهي جڏهن ته آن لائين فاصلاتي تع??يم?? پاليسي تحت يونيورسٽين کي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي اجازت ڏني ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي جو مقصد تعلي?? جو معيار برقرار رکڻ لاءِ هڪجهڙي امتحاني نظام قائم ڪرڻ آهي، پاليسي پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين جي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي ماهرن سان مشاورت کانپوءِ ٺاهي وئي آهي.