اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي شعبي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اربين روپين جا تعيمراتي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن، ان سان ملڪ ۾ روزگار جا م??قع?? ميسر ايندا ۽ عام ماڻهو پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي ??گهندو، پاڪستان تعميرات جي ??عبي کي ان وقت کنيو جڏهن سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري اقتصادي صورتحال ابتڙ هئي، وڏن شهرن ??ي لاءِ نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، ان سان شهري سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، تعميراتي شعبي جي لاءِ فڪس ٽيڪس رجيم ۾ هڪ سال جي ??وسيع ڪئي وئي آهي. هتي ملڪ ۾ تعميراتي شعبي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ 163 ارب روپين جا تعميراتي شعبا شروع ٿي چڪا آهن، تعميراتي شعبي جي فروغ سان پنجاب ۾ 15 سئو ارب روپين جون اقتصادي سرگرميون شروع ٿينديون، انهن منصوبن سان روزگار جا اڍائي لک م??قع?? پيدا ٿيندا. پنجاب ، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعميراتي شعبو حڪومتي مراعتن مان فائدو وٺي رهيو آهي، گهٽ آمدني وارن ??بقن کي انهن منصوبن سان رهائشي سهولتون ميسر اينديون، تعميراتي شعبي جي فروغ ۽ گهرن ??ي لاءِ فنانسنگ جي ??اهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي بئنڪون گهرن ??ي تعمير ۽ تعميراتي منصوبن لاءِ فنانسنگ ڪري رهيون آهن.
وزيراعظم پاران تعميراتي شعبي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان
مضمون کا ماخذ : راکی