خيبر – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس نشونما پر??گر??م جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي. پهرين مرحلي ۾ 9 ضلعن ۾ 33 احساس نشونما مرڪ?? قائم ڪيا پيا وڃن، پر??گر??م تحت ٽه ماهي بنيادن تي ٻارڙين کي 2 هزار رپيا جڏهن ته ٻارن کي 1500 رپيا وظيفو ڏنو ويندو. وزيراعظم عمران خان خيبر ضلعي ۾ قائم نشونما مرڪز جو دورو ڪيو جتي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي پر??گر??م بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق قادري ۽ چونڊيل نمائندا پڻ موجود هئا. ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو ٻا?? غذائي کوٽ جو شڪار آهن. اسٽنٽنگ (اڻ مڪمل نشونما) جي شرح جي لحاظ کان پاڪستان خطي ۾ ٻئي نمبر تي آهي. احساس نشونما پر??گر??م ملڪي تا??يخ ۾ اسٽنٽنگ جي سنگين مسئلي کي حل ڪرڻ جو پهريون حڪومتي پر??گر??م آهي. ان 3 سالن واري نشونما پر??گر??م جي بجيٽ 8 ارب 52 ڪروڙ رپيا رکي وئي آهي. مستحقين کي صحت بخش غذا جي فراهمي سان گڏ ٽه ماهي نشونما پر??گر??م مان وظيفو پڻ ڏنو ويندو. ٻارڙين جي لاءِ 2 هزار جڏهن ته ٻارن جي لاءِ 1500 رپيا ٽه ماهي وظيفو هوندو. مستحقين کي صحت بخش غذا جي فراهمي سان گڏ ٽه ماهي نشونما وظيفو پڻ ڏنو ويندو. انهن ضلعن ۾ خيبر، اپر دير، باغ، غدر، خارمنگ، خاران، بدين ۽ راجن پور شامل آهن. ملڪ ۾ 33 احساس نشونما مرڪ?? قائم ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم مرڪز جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ اتي آيل عورتن ۽ ٻارن سان به مليو.
وزيراعظم عمران خان احساس نشونما پروگرام جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا