اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل باب?? درخواستن جي ٻُڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل کي فوجي عدالتن جي حوالي سان انٽرنيشنل پريڪٽسز بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 7 رڪني آئيني بينچ ڪالهه فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل باب?? درخواستن جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمدعلي مظهر ۽ جسٽس شاهد حسن بلال شامل آهن. ٻُڌڻيءَ جي شروعات تي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل فوجي عدالت ۾ شهرين جي ڪيسن جي ٻُڌڻ?? بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻُڌايو. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ??وجوده ڪيس ۾ 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه جا ملزم فوجي ناهن، کين شهري چئي سگهجي ٿو، ڇا انهن تي آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلائي سگهجي ٿو؟ جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته ??اڪستان جو آئين معطل ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ??انونسازيءَ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. چيو وڃي ٿو ته ??ارليامينٽ سپريم آهي پر بالادستي آئين جي آهي. عدال?? درخواست جي ٻُڌڻي صبح 9 ??نوري تائين ملتوي ڪندي وڪيل کي چيو ته ??و عدالت کي فوجي عدالت بابت انٽرنيشنل پريڪٽسز تي بريفنگ ڏي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ