اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن ??قبال چيو آهي، ته ماحولياتي تبديليون زراعت جي روائتي طريقن تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. 2022ع جي ٻوڏ سان 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو، پاڪستان زرعي جنسن ??ي پيداوار ۾ پهرين 10 ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو پر پيداواريت جي شرح ۾ گهٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي لاهور ۾ فوڊ ??يڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته فوڊ ??يڪيورٽي قومي سيڪيورٽي ۽ ترقي جو اهم ٿنڀ آهي. وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽيو هو پوري قوم لاءِ م??عل راهه آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ امن سان گڏ پاليسين ۾ استحڪام ۽ تسلسل اڻٽر آهي، پاڪستان ايٽمي پروگرام ۾ معجزو ڪري ڏيکاريو هو ته هاڻي معاشي ميدان م به ڪري سگهي ٿو. ايٽمي پروگرام ۾ ڪاميابي، قيادت جي استحڪام، ميرٽ، ۽ انساني وسيلن جي ترقي ح??صل ٿي، هن وقت اسان جنهن هنڌ موجود آهيون اسان کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته ڪيئن اڳيان وڌون. هن چيو ته اسان ماضي ۾ ويزن 2010ع، ويزن 2025 جهڙا شاندار پلان ٺاهي پر اهي سياسي عدم استحڪام جو شڪار ٿيا، 5 ايز فريم ورڪ تحت 29-2024ع جي پنج سالا ترقياتي منصوبي کي ح??مي شڪل ڏئي رهيا آهيون، هاڻي غلطي، ڏڦيڙ ۽ فساد جي گنجائش ناهي. هن چيو ته اسان وٽ سمورا علم ۽ علاج موجود آهن پر اهي رپورٽن تائين محدود آهن. هاڻي عمل ڪري علم ۽ عمل جي خساري کي پورو ڪرڻو آهي. احسن ??قبال چيو ته هڪ هزار زرعي ماهرن کي وزيراعظم جي هدايت تي زراعت جي جديد طريقن ۾ عملي تربيت لاءِ چين موڪليو پيووڃي.
ماحولياتي تبديليون زراعت جي روائتي طريقن تي اثر انداز ٿي رهيون آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری