اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر ۽ پاڪستان ڪاڪس جي باني ۽ شريڪ چيئرپرسن شيلا جيڪسن لي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري ڪيل بيا?? ۾ ??در مملڪت آنجهاني ڪانگريس وومن جي گهرڀاتين ۽ دوستن سان دلي ??عز??ت جو اظهار ڪندي چيو ته شيلا جيڪسن لي هڪ قابل ذڪر اڳواڻ هئي، شيلا جيڪسن عورتن ۽ ٻارن سميت انساني حقن لاءِ آواز بلند ڪيو. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا مضبوظ بڻائڻ لاءِ شيلا جيڪسن جي ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۾ 2022ع جي تباهه ڪن ٻوڏ دوران هن جون ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن، ٻوڏ جي مشڪل گهڙي ۾ هن جي مدد سان ٻوڏ متاثر خاندانن کي اميد ?? رليف مليو.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ