اسلام آباد– 09 – ??پريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف خضدار ۽ ڪچلاڪ ۾ ڌماڪن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪ??زور نٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حم??ن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ڌماڪن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪ??زور نٿيون ڪري سگهن.
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا