اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گذريل مالي سال د??ران رمضان المب??رڪ ۾ وزيراعظم پاران مفت اٽو اس??يم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مفت اٽي جي فراهمي لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوا واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي بابت رابطاڪار بلال اظهر ڪياني، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان گذريل مالي سال د??ران وزيراعظم جي مفت اٽو اس??يم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مستحق شهرين کي مفت اٽو فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سمري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ان مقصد لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان اس??يم جي شروعات 18 مارچ 2023ع تي ڪئي وئي ۽ اها اس??يم 16 اپريل 2023ع تائين جاري رهي.
اقتصادي رابطا ڪميٽي وزيراعظم جي مفت اٽو اسڪيم تحت اٽي جي فراهمي لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت