اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت اخبار?? ۽ ??سالن کي هدايت ڪئي آهي ته قرآن پاڪ جي تعظيم کي سختي سان ممڪن بڻايو وڃي، قرآن حڪيم جي ڪنهن نسخي يا اقتباس جي ڄ??ڻي و??ڻي بي حرمتي جي سزا عمر قيد آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پبليڪيشنز کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اخبارن ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ قرآني آيت?? ۽ ??نهن جي ترجمن جي بي حرمتي ٿئي ٿي جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ۽ اهو عمل قرآن مجيد جي بي حرمتي بابت ڏوهن بابت موجود قانونن جي خلاف ورزي به آهي. پاڪستان پينل ڪوڊ 295 پي ڪي شق XV جو حوالو ڏيندي خط ۾ چيو ويو آهي ته قرآن پاڪ جي نسخي يا ان جي ڪنهن به اقتباس جي ڄ??ڻي و??ڻي بي حرمتي ڪرڻ يا ان کي ڪنهن توهين آميز طريقي يا ڪنهن غيرقانوني مقصد جي لاءِ استعمال ڪرڻ ڏوهه آهي جنهن جي سزا عمر قيد آهي. اطلاعات واري وزارت اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي درخواست ڪئي آهي ته اخبار?? ۽ ??سالن ۾ قرآن پاڪ ۽ حديث نبوي ﷺجي حرمت، مقدس هستين جي اسمن ۽ مقدس جاين جي تصويرن جي تحفظ جي حوالي سان رهنما اصولي جاري ڪيا وڃن جنهن جي جواب ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جيڪو هڪ آئيني اداري هجڻ سان گڏ حڪومت ۽ پارليامينٽ کي اسلامي مسئلن تي قانوني مشورو ڏيڻ جو ذميوار ادارو آهي، دليل ڏني آهي ته اشتهارن ۾ قرآني آيتن ۽ مقدس نالن کي شايع ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه آهي ڇو ته ان جو مقصد عوام تائين معلومات کي پهچائڻ آهي. اسلامي نظرياتي حڪومت تي زور ڏنو ته اها اخبار?? ۽ ??شتهارن ۾ شايع ٿيندڙ مقدس مواد جي تعظيم کي يقيني بڻائي ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قدم ??ڻي، ان ڏس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اي?? ايس)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اي?? اي) ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن سان اجلاس منعقد ڪيا ته جيئن ميڊيا نمائندن کي ان حوالي سان آگاهه ڪري سگهجي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي رهنما اصولن کي نظر ۾ رکندي اطلاعات واري وزارت سمورين اخبار?? ۽ ??سالن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اخبار?? ۽ ??سالن ۾ مقدس صحيفن ۽ مقدس مواد جي تحفظ ۽ احترام کي يقيني بڻائين.
وفاقي حڪومت پاران اخبارن ۽ رسالن کي قرآن پاڪ جي تعظيم کي سختي سان ممڪن بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ