اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان سائنس ??ائونڊيشن اڄ هڪ اهڙي پروگرام جو آغاز ڪرڻ وڃي رهي آهي جيڪو منهنجي منظر ۾ گيم چينجر هوندو.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 450 گورنمين?? اسڪولن کي STEM (سائنس، ٽ??ڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ ميٿس) اسڪولن ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو مون انهن لاءِ ڊزائين ڪيو ته جيستائين سرڪاري اسڪول ماڊرن نه ٿيندا ملڪ بدلجي نه سگهجندو،
اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته دير جي باوجود اهو منصوبو اڄ حقيقت بڻجڻ وڃي رهيو آهي. انشاءُ الله شروعاتي 450 اسڪولن کانپوءِ وڌ کان وڌ اسڪول ان ماڊل تي اچي ويندا. يو??يورسٽين کي چيو ويو آهي ته هو اسڪول ايڊاپٽ ڪن ۽ سائنس جي تعليم جو معيار اسڪول ليول تي بهتر ڪن.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ