اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پر??يهي وزير مخ??وم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پر??يهي آفيس جي ترجمان موجب پر??يهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي جاپان جي پن??نجي هم منصب توشي مٽسو موتيجي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پر??يهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان جاپان سان پن??نجي سياسي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جاپان کي هڪ ترقياتي حوالي سان اعتماد جي قابل حصيدار سمجهي ٿو. مخ??وم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان 2022ع ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه کي پر??وش انداز ملهائڻ جو ارادو رکون ٿا، پر??يهي وزير پاڪ جاپان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پر??يهي وزير مخ??وم شاهه محمود قريشي پن??نجي جاپاني هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري افغانستان جي مدد کي يقيني بڻائي. پر??يهي وزير مخ??وم شاهه محمود قريشي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين جي ثبوتن تي ٻڌل هڪ ”ڊوزيئر“ جاپاني هم منصب کي پيش ڪيو.
افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ