ڊيره اسماعيل خان – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏيون مافيائون ملڪ ۾ قانو?? جي بالادستي نٿيون چاهيون، ماضي جي حڪمرانن نظام کي مضب??ط ٿيڻ نه ڏنو، ڪرپٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ چون ٿا ته اسان کي اين آر او ڏيو ۽ غريبن کي پڪڙيو، ملڪ ۽ عوام جي ترقي لاءِ ايندڙ چونڊن جو نه ايندڙ نسلن جو سوچڻو پوندو، وڌندڙ ??با??ي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، پاڻي ذخيرو ڪرڻ، پاڻي جي بهتر استعمال، بنجر زمينون پوکي لائق بڻائڻ ۽ زرعي تحقيق تي ڌيان ڏيڻو پوندو، اهڙي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون ته عالمي منڊي جا اثر اسا?? جي ملڪ ۾ شي?? جي قيمتن تي نه پون، وزيرستان ۾ محسود ۽ وزير قبائل لاءِ ٻه ضلعا ٺاهينداسين، هن اهڙن خيالن جو اظهار ??با??گار ??نوينشن ۽ ??با??گار ??ارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، وزيراعظم جو خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست جو قيام دنيا جو هڪ تمام وڏو انقلاب هو ۽ اسلام جي نالي کي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ جي هو قائل نه آهي، حضور اڪرم ﷺ جي حيات مبارڪ جو مطالعو ڪيو آهي، ڪجهه سالن ۾ ئي مديني جي رياست دنيا جون حالتون بدلائي ڇڏيون، اڄ دي?? جي عمل نه ڪرڻ جي ڪري اسان جون حالتون خراب آهن، مديني جي رياست ۾ عدل ۽ انصاف جو نظام قائم ڪيو ويو هو، پاڪستان ۾ وڏيون مافيائون قانو?? جي بالادستي نٿيون چاهيون ۽ جيڪي ماڻهو ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻي رهيا آهن اهي چون ٿا ته اسان کي اين آر او ڏيو ۽ غريبن کي پڪڙيو. ماضي جي حڪمرانن نظام کي مضبوط نه ٿيڻ نه ڏنو، سچي ۽ غيرت مند ماڻهو ئي مضبوط قوم بڻائي سگهن ٿا، اسان کي وڏي قوم بڻجڻ لاءِ صادق ۽ امين بڻجڻو پوندو ۽ انصاف جو نظام قائم ڪرڻو پوندو ۽ عظيم قوم بڻجڻ لاءِ پنهنجي اخلاق کي بلند ڪرڻو پوندو، وزيراعظم چيو ته نوجوان پاڪستا?? جي ??با??ي جو وڏو حصو آهن، پاڪستان ۾ ڪنهن شيءَ جي کوٽ نه آهي، دنيا ۾ ڪنه?? جي سامهون هٿ ٽگيندڙ?? جي عزت نه آهي غيرتمند ماڻه?? جي عزت هوندي آهي. رشوت ڏيندڙ ۽ رشوت وٺندڙ ٻنهي جي غيرت ختم ٿي ويندي آهي، رشوت کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٻاهرين دنيا ۾ ڪو به اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو سوچي به نٿو سگهي پر اسا?? جي ملڪ ۾ پولنگ ايجنٽس به موجود هوندا آهن پر ا?? جي باوجود اسان جو ڌيان ووٽرز کي پولنگ اسٽيشن تي آڻڻ کان وڌيڪ ڌانڌلي کي روڪڻ تي هوندو آهي، ٻاهرين ملڪ اربين روپين جون جائيدادون ٺاهيندڙ هاڻي اتي ويـٺل آهن ۽ تقريرون ڪري رهيا آهن پر پنهنجي آمدني جي ذريع?? جي هڪ رسيد تائين نٿا ڏيکاري سگهن، اسان مافياز جي خلاف قانو?? جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون پر گڏوگڏ قوم کي به پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو آهي، قيام پاڪستا?? جي وقت اسا?? جي ??با??ي 4 ڪروڙ کان به گهٽ هئي، اڄ ??با??ي 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود گذريل 40 سالن کان 40 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي، هلندڙ سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداور ٿيڻ جي باوجود اسان کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي، اهڙي طرح داليون، گهيي ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون به درآمد ڪندا آهيون، ٻاهرين منڊين ۾ قيمتون وڌڻ سان به مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته بينادي تعليم ۽ بنيادي صحت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، انهي سان وڌندڙ ??با??ي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اسان کي پنهنجي وڌندڙ ??با??ي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لا فصل?? جي پيداوار ۾ به اضافو ڪرڻو پوندو جيڪڏهن ??با??ي اهڙي طرح وڌندي رهي ته پوءِ اڳتي بک ۽ بيروزگاري کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، گذريل هڪ سال ۾ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون گذريل 20 سال?? جي مقابلي ۾ وڌيڪ وڌيون آهن، ملڪ ۾ جيڪڏهن اناج پوکيون ته ٻاهرين قيمتن جو اسا?? جي مٿان اثر نه پوندو، هن چيو ته گومل زام ڊيم مان ٻه لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ??با?? ٿيندي، جن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ۽ زمينون غير ??با?? پيون آهن انهن تي ماضي ۾ ڌيان نه ڏنو ويو، هاڻي پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ پاڻي جي بهتر استعمال تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، 50 سالن کانپوءِ ملڪ ۾ 10 وڏا ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، هن وقت پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت 14 ملين ايڪڙ فوٽ آهي جنهن کي 25 ملين ايڪڙ فوٽ تائين وڌايو ويندو. فصل?? جي پيداوار لاءِ پاڻي جو بهتر استعمال ضروري آهي، ان سان گڏوگڏ زرعي تحقيق جي فروغ تي به ڌيان ڏيڻو پندو، پهرين زرعي يونيورسٽي فيصل ??با?? ۾ وڏي تحقيق ٿيندي هئي پر هاڻي نه ٿي رهي آهي، هندستان به اسان سان گڏ آزاد ٿيو پر اتي زرعي تحقيق وڌيڪ ٿي رهي آهي ان لاءِ ا?? جي زرعي پيداوار اسان کان وڌيڪ آهي، پاڻي جي بهتر استعمال، معياري ٻج ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي فصل?? جي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي، ان سلسلي ۾ وزيرستان ۾ زرعي ترقي جي وڏي گنجائش آهي، ملڪ ۽ خاص طور تي خيبرپختونخوا ۾ زيتو?? جي پوک جو انقلاب اچي رهيو آهي، بلوچستان ۽ ٻين علائقن ۾ به زيتو?? جي پوک کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ اسان اهو برآمد ڪري سگهون ٿا، پاڪستان ۾ زيتون ۽ ايواڪارڊو جهڙين ڀاڄين ۽ ميو?? جي پوک لاءِ حالتون انتهائي موزون آهن، اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ترقي لاءِ ايندڙ اليڪشن جو نه پر ايندڙ نسلن جو سوچڻو پوندو. 60ع جي ڏهاڪي کان پوءِ پهريون ڀيرو زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن، وزيراعظم چيو ته اسان 70 کان 80 سيڪڙو کاڄرو تيل درآمد ڪندا آهيون پنهنجي ملڪ ۾ پام آئل ۽ سويابي?? جي پيداوار وڌائڻ جي ضرورت آهي، اسان اهڙي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون ته دنيا جون حالتون ڪهڙيون به هجن، عالمي منڊي ۾ قيمتن جا اثر اسا?? جي مٿان نه پون ۽ اسان پنهنجي فصل?? جي پيداوار ۾ پاڻڀرا هجون. هن چيو ته ڊيره اسماعيل خا?? جي زمين تمام گهڻي زرخيز آهي، هتان زرعي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي، ان کانسواءِ چولستان ۾ به پاڻي جو صحيح استعمال ڪري اسان پنهنجي پيداوار وڌائي سگهون ٿا، ڊيره اسماعيل خان ۾ زرعي يونيورسٽي جي قيام سان تحقيق کي فروغ ملندو، نمل يونيورسٽي ۾ به زرعي تحقيق جو انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو پيو وڃي سي پيڪ تحت چي?? جي تعاون سان زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻايو پيو وڃي، ان کانسواءِ کير جي پيداوار وڌائڻ تي به ڌيان ڏنو ويندو، هن چيو ته موجوده حڪومت جي قدم?? جي ڪري ??با??گار?? جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي. پهرين شوگر مافيا کين ادائيگيون نه ڪندو هو ۽ مقرر اگهن کان به گهٽ معاوضو ڏنو ويندو هو، حڪومت ??با??گارن کي انه?? جي فصلن جو معاوضو ڏياريو جنهن کانپوءِ ??با??گارن فصل?? جي پوک تي ڌيان ڏنو اهو ئي سبب آهي ته ڪڻڪ، چانور ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي ان کانسواءِ ڪپهه جي به بهترين فصل ٿيندي، جڏهن ??با??گار?? جي آمدني وڌندي ته انهن ۾ خوشحالي کڻي ايندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت قبائلي علائق?? جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، وزيرستان ۾ محسود ۽ وزير قبائل لاءِ ٻه ضلعا ٺاهيا ويندا. ٻنهي قبلي?? جي وچ ۾ زمين?? جي حوالي سان مسئلا آهن، زمين?? جي تڪرار جي حل لاءِ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان کي هدايت ڪئي آهي، نون ضلع?? جي قيام سان انتظامي معاملن ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهن کي بهتر سهولتون ملنديون.
وڏيون مافيائون ملڪ ۾ قانون جي بالادستي نٿيون چاهيون، ماضي جي حڪمرانن نظام کي مضبوط ٿيڻ نه ڏنو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی