اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي صدر ولڪن بوزڪر ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جهڙن اهم تڪرارن، افعان امن عمل، ڏوهن، بدعنواني ۽ رشوت جي آمدن?? جي غير قانوني منتقلي، پائيدار ترقي ۽ ڪووڊ – 19 وبا جي ڏس ۾ اقتصادي بحال?? جي ڪوششن بابت مختلف م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان فلسطين مسئلي تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي خصوصي اجلاس گهرائڻ جي جنرل اسيمبل?? جي صدر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته جنگ بند?? جي اعلان کانپوءِ امن عمل جي بحالي ۽ گڏيل قومن جي لاڳا??يل قراردادن ۽ رياستي ويزن موجب فلسطين مسئل?? جي منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل قومن تحت عالمي تعاون وڌائڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي مدد لاءِ قرض ۾ رليف، اقتصادي بحال?? جي ڪوششن ۽ 2030ع تائين پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ولڪن بوز وزيراعظم کي اهم عالمي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ??سئلن جي حل لاءِ جنرل اسيمبل?? جي پنهنجي صدارت جي مدي دوران ڪيل مختلف قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.
وزيراعظم سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : راکی