اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جو دورو ڪيو جتي پي آءِ او سهيل علي کيس حڪومتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ، پي آءِ ڊي جي آپريشنل م??املن، اشتهار جاري ڪرڻ بابت معاملن تي بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت قدمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پي آءِ ڊي جو اهم ڪردار آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت پاران ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سنسرشپ نه آهي، حڪوم?? ميڊيا جي آزادي ۽ اظهار را??ِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جا ٽي سال مڪ??ل ٿيڻ وارا آهن، هن دور ۾ مڪ??ل ٿيندڙ منصوبن، ان جي عوام تائين ثمر، عوام جي سامهون آڻينداسين. هن چيو ته احساس پروگرام، ڪامياب جوان پروگرام، پناهگاهن، لنگر خانن جهڙن منصوبن جي باري ۾ عوام کي بهتر انداز کان آگاهه ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔