پشاور – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو آهي پر بدقسمتي سان قيام پاڪستان کان وٺ?? اڄ تائين ڪنهن قوم ک?? اهو خواب سمجهائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي، هو پشاور جي علائقي ريگي للمه ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ رهائشي منصوبي جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي موجوده لهر فليٽ ٿي چڪي، احتياط جاري رکيو ته سياحت سميت سمورا شعبا کلي ويندا، حقيقي فلاحي رياست جي حوالي سان مديني جي رياست جي مثال اسان جي سامهون آهي ته ڪهڙي طرح رسول ﷺ مديني جي رياست کي سڄي دنيا لاءِ هڪ مثال بڻايو، هن چيو ته اهو ئي معاشرو هو جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو ته ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هجي، انصاف تي ٻڌل معاشري قائم ٿئي ۽ قانون جي سامهون غريب ۽ امير ۾ ڪو فرق نه هجي، وزيراعظم چيو ته هو ملڪ کي 2 ??ني??دي اصولن تحت اڳتي وٺ?? وڃڻ چاهي ٿو، هڪ قانون جي بالادستي ۽ ٻيو ڪنهن کي اين آر او نه ڏيڻ جڏهن ته ان سان گڏ ئي معاشري جي ڪ??زو?? طبقي کي مٿي آڻڻ سندس اولين هدف آهي. هن چيو ته پشاور ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ فليٽس جو منصوبو 2011ع کان ان لاءِ رڪيل هو ته اهو غريبن لاءِ بڻجي رهيو هو، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جيتوڻيڪ غريبن جي ڀلائي ۽ ترقي کي اوليت ڏيندي آهي ان لاءِ ان منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچايو ويو آهي، هن چيو ته سندس ڌيان ڪ??زو?? طبقي کي مٿي کڻڻ تي آهي ۽ هو ان حوالي سان ڪم کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو، وزيراعظم چيو ته اسان ايندڙ اليڪشن جو نه پر قوم جي مستقبل جي لاءِ سوچيو آهي، پنهنجي ڪ??زو?? طبقي جي ذميداري ورتي آهي، پنج سالن کانپوءِ ڏسڻ چاهيا?? ٿو ته ڪ??زو?? طبقي کي اسان ڪيئن مٿي کنيو آهي، خيبرپختونخوا جي عوام پي ٽي آءِ کي ٻي مدت لاءِ ان لاءِ چونڊيو ته عالمي ادارن جي رپورٽ موجب خيبرپختونخوا واحد صوبو آهي جتي غربت ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي آهي ۽ انساني ترقي تي ڪم ٿيو آهي، هن چيو ته اهي ڪرپٽ سياستدان جيڪي پڇندا هئا ته نئون پختونخوا ڪٿي آه?? اهي ڏسي وٺ?? اسان جي ڪارنامن جي تصديق عالمي ادارا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو آهي، قوم کي اهو خواب سمجهائڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي وئي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔