نيويارڪ – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته فيبروري کان 2 ائٽمي طاقتون هڪ ٻئي جي سامهون آهن، دنيا مسلسل 55 ڏينهن کان ڪرفيو، 80 لک ڪشميري شهرين کي گهيري ۾ رکڻ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين خلاف آواز ڇو نه ٿي اٿاري، دنيا کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو سوا ارب ماڻهن جي مارڪيٽ کي ڏسندي يا ڪشميرين تي ??يندڙ ظلم خلاف اٿي بيهندي، جيڪڏهن ٻن ائٽمي ملڪن ۾ جنگ لڳي ته پوءِ ان جا ??ثر سڄي دنيا تي ??وندا، اسان لااله الا الله تي ??قين رکون ٿا ۽ آخري ساهه تائين وڙهنداسين، دنيا سوچي ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ يهودين ۽ عيسائين کي گهيري ۾ رکيو وڃي ته اولهندي ملڪن جي ڪهڙي حالت ٿيندي، صرف مسلمانن سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڇو ڪيو پيو وڃي، اسرندڙ ملڪن جا ڪرپٽ حڪمران پئسا ڦري امير ملڪن ۾ اچي رکن ٿا ۽ واپسي جي لاءِ انهن کي وڏا وڪيل ڪرڻا ٿا پون ۽ قانون جون مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون، ترقي يافته ملڪ ان جي لاءِ ڪي قدم کڻن. گڏيل قومن جي 74 هين جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.
وزيراعظم جو گڏيل قومن جي 74 هين جنرل اسيمبلي کي خطاب
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر