ڪوئيٽا – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪنهن به اداري جي ڪنهن اداري سان ڇڪتاڻ نه آهي، اسان جو ڪم حڪومت ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، بلوچستان ۾ نواز شريف جي اعلان ڪيل سمورن منصوبن تي ڪم جاري رکنداسين، ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، حڪومت صوبن جو ترقياتي فنڊ 1200 ارب رپين مان وڌائي 1900 ارب رپيا ڪري ڇڏيو، صوبي ۾ موجوده حالتون ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام بهتر آهن، ڪنهن صوبي سان ڪنهن ناانصافي ۽ تعصب جي قطعي گنجائش نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ صحافي?? سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي هر ضلعي کي گئس جي فراهمي لاءِ محمد نواز شريف جي ترقياتي ويزن تحت جاري اسڪيمون هلندڙ سال مڪ??ل ڪيو وينديون جن تي 15 ارب رپيا لاڳت ايندي جڏهن ته ٽيوب ويلن کي سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو ٽن فيز ۾ مڪ??ل ڪيو ويندو، ان منصوبي تي پڻ هلندڙ س??ل ڪم شروع ڪيو ويندو.
ڪنهن به اداري جي ڪنهن اداري سان ڇڪتاڻ نه آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر