جڪارتا-21 ڊسمبر (اي پي پي) اوڀر انڊونشيا جي صوبي اولهه سولاويسي ۾ مسافر ٻيڙي گم ٿي وئي آهي، ٻيڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 ماڻهو سوار هئا. اي ايف پي موجب هڪ انڊ??ني??يا جي اهلڪار مقامي م??ڊي?? کي ٻڌايو ته امدادي ڪارڪن ان ٻيڙي جي ڳولا ڪري رهيا هئا جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 مسافر سوار هئا، ٻيڙي اربع ڏينهن اوڀر انڊ??ني??يا جي صوبي اولهه سولاويسي ۾ ماموجو ايجنسي جي ڪناري تان گم ٿي آهي، انڊ??ني??ي اداري ماموجو سرچ اينڊ ريسڪيو (ايس اي آر) جي س??بر??هه محمد رجال ٻڌايو ته شادي جي 28 مهمانن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي ۾ امبو جزيري جي پاڻي ۾ داخلا کانپوءِ رابطو ڪٽجي ويو هو. ٻيڙي مقامي ??قت موجب صبح 10 وڳي ويجه?? امبو جزيري کان رواني ٿي هئي ۽ ان جي شام 4 وڳي ماموجو جي پورٽ سماري جي مقام تي پهچڻو هو. ياد رهي ته انڊ??ني??يا جيڪو تقريبن 17000 جزيرن تي ٻڌل ملڪ آهي ۾ حفاظت جي ڪمزور معيارن سبب سامونڊي حادثا عام آهن.
انڊونيشيا ۾ 28 مسافرن سميت ٻيڙي گم ٿي وئي
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون