اسلام آباد- 28 جون (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آ??ِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طه عيدالاضحيٰ جي م??قعي تي مسلمان امت کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. مبارڪن واري پيغام ۾ هن خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان، سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام کي عيد جون مبارڪون ڏنيون آهن. او آ??ِ سي جي سيڪريٽري جنرل اميد ظاهر ڪئي ته عيدالاضحيٰ سمورن ميمبر ملڪن لاءِ خوشي ۽ محبت جو سبب بڻجندي. هن او آ??ِ سي جي م??مبر ملڪن وچ ۾ محبت ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان ڏڻ جي م??قعي تي امن ۽ خوشي جي خواهش جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا