اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آ??ي ته ??ُڏ??ر ??اڪ??تان پروگرام هڪ انقلابي قدم آهي، ان سان تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي موقعن ۾ واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن موجوده حڪومت جي پنج ساله قومي اقتصادي منصوبي (29-2024ع) ” ??ُڏ??ر ??اڪ??تان“ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. احسن اقبال ??ُڏ??ر ??اڪ??تان کي جٽادار اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ طرف هڪ ”انقلابي“ قدم قرار ڏيندي چيو ته ه?? قدم جيڪو سياسي ڇِڪتاڻ يا ڪنهن به سياسي لانگ مارچ کان پاسو ڪندي وڌ کان وڌ قومي اتحاد قائم ڪري ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان دنيا سان اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪري سگهون. هن چيو ته حڪومت جي موجوده معاشي چئلينجن کي اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا هئا، پر ملڪ کي خوشحال ۽ معاشي طور تي مضبوط بنائڻ لاءِ مسلسل بنيادن تي ڊگهي مُدي واري رٿابندي جي ضرورت هئي. وفاقي وزير چيو ته ??سل?? ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي گذريل دؤرن ۾ ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع جي شروعات ڪئي هئي پر سياسي عدم استحڪام سبب ان تي مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو پر هاڻ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پنج ساله منصوبو تيار ڪيو آ??ي جيڪو پائيدار اقتصادي ترقي جو بنياد ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته قومي اقتصادي منصوبي جا ثمر عام ماڻهوءَ تائين پهچايا ويندا ۽ بهتر تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو.
اُڏار پاڪستان پروگرام هڪ انقلابي قدم آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil