اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الداود ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ سعودي ??اڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، پيرا ملٽري فورسز، پوليس وفدن جي گڏيل مٽاسٽا ۽ گڏيل ٽريننگ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ قيدين جي مٽاسٽا جي معاهدي تي عملدرآمد تي اتفاق ٿيو. اسلام آباد ۾ ٿيل اعليٰ سطحي ملاقات ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد الحمد المالڪي به موجود هو. گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني جنهن تي سعودي ??زير اتفاق ڪ??و. ??لاقات ۾ فيصلو ٿي?? ته ان حوالي سان وڌيڪ ضروري قدم کنيا ويندا. ملاقات دوران پاڪستان مان فقيرن کي سعودي عرب موڪليندڙ مافيا جي خاتمي جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير چي?? ته 4300 فقيرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. هن چي?? ته سعودي عرب ويندڙ فقيرن خلاف زيرو ٽالرينس پاليسي تي عمل ڪيو ويندو، جڏهن ته فقير مافيا خلاف سڄي ملڪ ۾ اثرائتو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو پيو وڃي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ٿي?? ته سعودي عرب ۾ قيد 419 پاڪستانين جي وطن واپسي لاءِ قانوني ڪارروائي جلد مڪمل ڪئي ويندي. گهرو وزير چي?? ته سعودي عرب اسان جو پاڙيسري ڀاءُ ملڪ آهي. ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائ?? لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. هن ٻڌاي?? ته سعودي شهرين لاءِ پاڪستان اچڻ تي ڪا به ويزا پابندي ??اهي، اهي جڏهن چاهين اچي سگهن ٿا. گهرو وزير محسن نقوي سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جي ويزن 2030ع جي پڻ واکاڻ ڪئي. هن چي?? ته سعودي عرب جي قيادت 2030ع تائين معاشي، سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ نمايان مقام حاصل ڪندي. ان موقعي تي سعودي عرب جي نائب گهرو وزير چي?? ته پاڪستان سان انتهائي ويجها لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چي?? ته پيرا ملٽري فورسز ۽ پوليس جي گڏيل مٽاسٽا تي ٻڌل سکيا وارن پروگرامن لاءِ تيار آهيون.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الداود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا