اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف احتجاج جي لاءِ آيل مظاهري?? جي هٿان پوليس اهلڪار جي شهادت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث عنصر?? جي فوري نشاندهي ??ري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف ڪانسٽيبل مبشر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ ا?? جي درج?? جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث عنصر?? جي فوري نشاندهي ??ري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ ۽ احتجاج دوران پٿراءُ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي نالي تي پوليس اهلڪارن ت?? حملو مذمت جوڳو آهي، پوليس اهلڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڊيوٽي تي مقرر آهن. وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي ملڪ گير فساد برپا ڪندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر پرتشدد ڪارروايون ??ري رهيا آهن، 46 سال?? جي شهيد ڪانسٽيبل مبشر جي ننڍڙي عمر جي ٻار?? جي دنيا شرپسند عنصر?? جي هٿان اجڙي وئي. وزيراعظم چيو ته جڏهن جڏهن ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لڳي ٿو، شرپسند عنصر سڄي ملڪ ۾ جلاءُ گهيراءُ شروع ??ري ڇڏين ٿا، مون سميت پوري قوم ڪانسٽيبل مبشر شهيد کي خراج عقيدت ??يش ??ري ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪانسٽيبل مبشر هڪ اهڙي گروهه جي هٿان شهيد ٿيو جيڪو ملڪي ترقي جو دشمن آهي، نام نهاد امن پسند احتجاجين جو پوليس اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪرڻ جو عمل مذمت جوڳو آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران احتجاج جي لاءِ آيل مظاهرين جي هٿان پوليس اهلڪار جي شهادت جي شديد لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں