اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ ڊينمارڪ ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۽ نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. اربع ڏينهن سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب حڪومت پا??ست??ن طرفان سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پائيدار انفرا اسٽرڪچر پراجيڪٽ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جڏهن ته پا??ست??ن ۾ مقرر ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لنلف ڊينمارڪ جي صنعت، ڪاروبار ۽ مالياتي معاملن واري وزير طرفان صحيح ٿيل ايم او يو پيش ڪيو. ان مفاهمتي يادداشت کانپوءِ مارسڪ (ڊينمارڪ جي شپنگ ڪمپني) پا??ست??ن جي ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ اٽڪل 2 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ پا??ست??ن جي ميري ٽائيم سيڪٽر لاءِ ايتري وڏي سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. مفاهمتي يادداشتن جي ان تقريب ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگ??يب?? واپار وارو وزير ڄام ڪمال خان، رٿابندي وارو وزير احسن اقبال، صنعت ۽ واپار وارو وزير راڻا تنوير حسين، توانائي وارو وزير اويس لغاري، ڊائريڪٽر جنرل ايس آءِ ايف سي ميجر جنرل اسد الرحمان به موجود هئا. ان موقعي تي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو ته اسان ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ ان شاندار اڳڀرائي تي ڊينمارڪ جي حڪومت جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ان يادداشت جي نتيجي ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت سمورن بندرگاهن ۾ لاجسٽڪ جي نظام کي جامع ڪري سگهي ٿي. ڪراچي ۾ گَهري پاڻي جو ڪنٽينر ٽرمينل قائم ڪري سگهجي ٿو. عالمي بحري تنظيم ۽ يورپي يونين جي معيار موجب گڏاڻي ۾ جهازن جي ري سائيڪلنگ جون سهولتون بهتر بڻائي سگهج?? ٿيوون. پا??ست??ن ميري اڪيڊمي جي نصاب ۽ ٻين شين ۾ جدت آڻڻ سان گڏوگڏ بندرگاهن کي مسلسل فني ۽ تربيتي مدد فراهم ڪندي. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پا??ست??ن جي شپنگ انڊسٽري ۾ مارسڪ ??مپني جي اهميت تي به روشني وڌي. هن ٻڌايو ته پا??ست??ن ۾ ڪنٽينرائزڊ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ مارسڪ وٽ سڀ کان وڌيڪ (20 سيڪڙو) مارڪيٽ شيئرز آهن. ان کانسواءِ ان ڪمپني جو عالمي مارڪيٽ ۾ سرمايو اٽڪل 175 بلين ڊينش ڪرون آهي. هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ ڊينمارڪ جي حڪومت ان مفاهمتي يادداشت لاءِ گذريل 6 مهينن کان مسلسل ڪم ڪري رهي آهي. پا??ست??ن ۾ ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لنلف به ان اڳڀرائي تي پا??ست??ن حڪومت ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جو ٿورو مڃيو. ٻنهي ڌرين سامونڊي شعبي جي ترقي لاءِ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ ڊينمارڪ پاران ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۽ نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ