اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي لاءِ ??مد??دي پروگرام جي حڪمت عملي ٽن ڏينهن ۾ جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صيهوني فوج جي عتاب هيٺ فلسطيني ڀائرن جي مدد جي لاءِ ا??ان کي بحيثيت قوم متحرڪ ٿيڻو پوندو، حڪومت لبنان ۾ ڦاٿل 71 پاڪستاني شهرين کي دمشق ذريعي وطن واپس آڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ پ??ڪستان پاران ??مد??دي سامان موڪلڻ جي اڳڀرائي جي حوالي ??ان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر 2023ع کان هيستائين پاڪستان پاران 1810 ٽن تي ٻڌل دوائن، غذائي سامان، ملبوسات ۽ ٻين ??مد??دي شين جون 10 کيپ فلسطين موڪليون ويون آهن، وڌيڪ پاڪستاني شهرين کي جنگ سٽيل علائقن مان وطن واپس آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم ٽن ڏينهن ۾ پ??ڪستان حڪومت پاران فلسطين جي لاءِ ??مد??دي پروگرام جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته صيهوني فوج جي عتاب هيٺ فلسطيني ڀائرن جي مدد جي لاءِ ا??ان کي بحيثيت قوم متحرڪ ٿيڻو پوندو، ??مد??دي سرگرمين ۾ ملڪ جي ناليواري اين جي ايوز کي شامل ڪيو وڃي، غزه ??ان تعلق رکندڙ وڌ کان وڌ شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ان سرگرمي ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبن ??ان تعلق رکندڙ تعليمي ادارن جي شرڪت يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت لبنان ۾ ڦاٿل 71 پاڪستاني شهرين کي دمشق ذريعي وطن واپس آڻي رهي آهي.
وزيراعظم پاران فلسطين جي لاءِ امدادي پروگرام جي حڪمت عملي ٽن ڏينهن ۾ جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار