اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بينچ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني اپيلن تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ طرفان بئريسٽر علي ظفر دليل ڏنا، جڏهن ته ??عد ۾ هن بينچ جي جوڙجڪ تي اعتراض واريندي ٻُڌڻيءَ جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پ پ طرفان فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا. چيف جسٽس نظرثاني اپيل جو فيصلو ٻُڌائيندي چيو ته ??پريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نظرثاني اپيل گڏيل طور تي منظور ڪئي وڃي ٿي، ڪيس جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ??رٽيڪل 63 اي جي تشريح جي ڪيس تي جسٽس مظهر علي عالم جو اختلافي نوٽ 30 جولاءِ تي آيو، جڏهن ته ??ينچ جي اڪثريت تفصيلي فيصلو 14 آڪٽوبر تي جاري ڪيو، جسٽس مظهر عالم کي پنهنجي ذميدارين جو احساس هو. جسٽس جمال خان مندو خيل ريمارڪس ڏنا ته ??ڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو ته ووٽ وِجهڻ ۽ شمار ٿيڻ ۾ فرق آهي، ڇا آئين ۾ ووٽ وِجهڻ ۽ شمار ٿيڻ جو فرق لکيل آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻُڌايو ته ??رٽيڪل 63 اي تي فيصلو تڪرارن سان ڀرپور آهي، هڪ طرف چيو ويو ووٽ بنيادي حق آهي، گڏوگڏ ئي بنيادي حق پارٽي جي هدايت تي ختم به ڪري ڇڏيو. پ پ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته ??سبه بل ڪيس موجب ريفرنس تي راءِ جنهن گُهري ان تي راءِ جي پابندي لازم آهي. چيف جسٽس پُڇاڻو ڪيو ته ??يڪڏه?? صدرِ مملڪت راءِ تي عمل نه ڪري ته ڇا ان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ??دالت صدرِ مملڪت خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي. فاروق ايڇ نائيڪ انڪاري ميمبر بابت پي ٽي آءِ جي عائشه گلالئي ڪيس جو حوالو ڏنو. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته 63 اي ڪيس ۾ ا??ليتي ججن جو فيصلو پهرين جاري ٿيو. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي گڏيل طور تي نظرثاني د??خو??ستون منظور ڪري ورتيون.
سپريم ڪورٽ پاران آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر