اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ئي نئين ڊزائين وارن بئنڪ نوٽن جي سيريز جي ڇپائي جو عمل شروع ڪيو ويندو. اس??يٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اس??يٽ بئنڪ هلندڙ سال جنوري ۾ نون بئنڪ نوٽن جي سيريز جي موضوعاتي ڊزائين ۽ آئيڊياز لاءِ آرٽ جي مقابلي جي اعلان سان گڏ بئنڪ جي نون نوٽن جي سيريز جي ڊزائيننگ جو عمل شروع ڪيو هو، آرٽ مقابلي جو مقصد مقامي فنڪارن جي حوصلا ??فز??ئي ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي لاڳو بهترين ضابطه عمل موجب ڊزائين جي تياري جي عمل ۾ عوام کي شامل ڪرڻ هو. مقامي فنڪارن طرفان جمع ڪرايل ڊزائينن جو جائزو معزز ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي ورتو ۽ ان مقابلي جي فاتح انٽريز جو اعلان 5 سيپٽمبر تي ڪيو ويو. آرٽ جي مقابلي جي ا??هن نتي??ن جي اعلان کي ميڊيا ۽ ڪجهه عوامي حلقن طرفان نون بئنڪ نوٽن جي سيريز جي ڊزائينن جي شارٽ لسٽنگ طور تي تعبير ڪيو ويو، ت??هن هوندي به آرٽ مقابلي جي نتي??ن جو اعلان ڪرڻ جو مقصد رڳو فنڪارن جي ڪوششن کي ساراهڻ ۽ انعامن سان نوازي ا??هن جي حوصلا ??فز??ئي ڪرڻ هو. تجويز ڪيل نئين سيريز جي حتمي ڊزائين چٽاڀيٽي جي عمل ذريعي چونڊيل مشهور عالمي ڪمپنين طرفان ڊزائين ڪئي پئي وڃي. اهي ڪمپنيون هلندڙ سال ڊسمب?? تائين نئين ڊزائين لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪنديون ۽ اس??يٽ بئنڪ بورڊ طرفان منظور ڪيل ڊزائيون جنوري 2025ع تائين حتمي منظوري لاءِ وفاقي حڪومت کي پيش ڪيون وينديون. اس??يٽ بئنڪ وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ئي نئين ڊزائين جي بئنڪ نوٽن جي سيريز جي ڇپائي جو عمل شروع ڪندي.
وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ئي نئين ڊزائين وارن بئنڪ نوٽن جي سيريز جي ڇپائي جو عمل شروع ٿيندو: اسٽيٽ بئنڪ
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena