راولپنڊي – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف راولپنڊي ۾ آرمي وار گيم جي پڄاڻي واري سيشن ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي تازي وار گيم ۽ پاڪستان فوج جي سمورن ممڪن خطرن جي حوالي سان آپريشنل تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. دفاع وارو وفاقي وزير، ن??ڻي وارو وفاقي وزير، اطلاعات وارو وفاقي وزير آرمي چيف ۽ سينيئر عسڪري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ??يو ۽ خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام جي قيام ۽ ائٽمي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ طاقت جي تواز?? کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي هٿياربند فوج جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن جارحيت جي صورت ۾ دشمن تي جوابي ضرب کي يقيني بڻائيندڙ روڪٿام جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جديد حربي تصورن ۽ سڌار?? کي ساراهيو. عسڪري قيادت قومي خودمختياري ?? علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ??يو ۽ اها ڳالهه ورجائي وئي ته پاڪستان جي فوج موجوده سيڪيورٽي چئلينجز کان ??ڱي ريت آگاهه آهي ۽ ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو جاري رکندي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب