اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ف??سط??ن جي مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ?? حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ف??سط??ن جي آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار ح?? آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ف??سط??ن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير احمد جواد عبدالعزيز رابعي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ف??سط??ني عوام ۽ ان جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري غزه ۾ معصوم ف??سط??نين جي خلاف اسرائيل جي جارحاڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي ن??يج?? ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 40 هزار کان وڌيڪ بيگناهه ف??سط??ني شهيد ۽ 90 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا. وزيراعظم ٻه رياستي حل جي ذريعي ف??سط??ن جي مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي ڪوشش جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ?? حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ڪيترين ئي قراردادن موجب 1967ع کان اڳ واري سرحدن ۽ المقدس جي گادي واري هنڌ جي طور تي ف??سط??ن جي هڪ آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار ح?? آهي. احمد جواد عبدالعزيز رابعي پنهنجي 5 سالا مقرري واري دور ۾ پاڪستان پاران بهترين مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ف??سط??ن جي مسئلي تي پاڪستان جي تاريخي ۽ ٺوس موقف ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. احمد جواد عبدالعزيز رابعي ف??سط??ني شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وظيفن جي آڇ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا.
فلسطين جي آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ