تهران – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف ايران جي دوري دوران مرحوم ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي ح??ال?? سان منعقد تعزيتي تقريب ۾ تاجڪستان جي صدر ا??ام علي رحمان سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير سميت هيليڪاپٽر حادثي جي شهيدن جي تعزيت لاءِ ايران جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ويو. ان موقعي تي وزيراعظم جي تاجڪستان جي صدر ا??ام علي رحمان سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سان آذربائيجان جي وزيراعظم علي اسدوو پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ح??ال?? سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ب??ڪو ۾ ٿيندڙ 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي. ملاقات ۾ پاڪ قطر ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي ??ي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ملاقاتن ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي ??ي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر جي مقرر ڪيل انتظامي اسيمبلي ”مجمع تشخيص مصلحت نظام“ جي ميمبر احمدي نزاد سان پڻ ملاقات ڪئي.
وزيراعظم پاران ايران جي دوري دوران تاجڪستان جي صدر سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2