اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هيليڪاپٽر جي حا??ثي ۾ ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي سوڳ ڏهاڙي جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڊاڪٽر ابراهيم رئيس?? پاڪستان جو سٺو دوست هو، اسان کي سٺي خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿيو، صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ايران سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ قومي جهنڊو جهُڪيل رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي هڪ مهيني کان ب?? گهٽ عرصو اڳ هڪ تاريخي دوري تي صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ميزباني ??و شرف حا??ل ٿيو. هو پاڪستان جو سٺو دوست هو. هن چيو ته ان سانحي ت?? پاڪستان ?? سوڳ ڏهاڙو ملهايو ويندو ۽ صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي احترام ۽ ڀائر ملڪ ايران سان يڪجهتي جي اظهار طور جهنڊو جھُڪيل رهندو. وزيراعظم چيو ته صدر رئيسي جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ جي اطلاع جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي کي بيچيني ??ان ڏسي رهيا هئاسين. سٺي خبر جي اميد هئي پر افسوس ائين نه ٿيو. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان ان وڏي نقصان تي ايراني قوم سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حا??ثي ۾ شهيد ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. عظيم ايراني قوم روايتي همت سان ان سانحي تي ضابطو آڻيندي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي شهادت تي افسوس جو اظهار، سوڳ ڏهاڙي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل