اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) ترڪه جي صدر رجب طيب اردوان شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ٻطرفن لاڳ??پن کي تعاون ۽ ڀائيچاري جي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪستان جو وزيراعظم چوندجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم اخوت ۽ ڀائيچاري جي ان احسن قدم تي صدر اردوان جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهن جي وچ ?? پائيدار ٻنڌڻ ۽ مضبوط مذهبي ۽ ثقافتي رابطا پاڪستان ۽ ترڪيه جي مضبوط رشتي جو بنياد آهن. وزيراعظم شهباز شريف اهو به چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ ترڪي ??عليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ صدر اردوان جي آجيان ڪرڻ جو منتظر آهي. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام جي وچ ?? مو??ود دوستي جي مضبوط رشتن کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳ??پن کي تعاون ۽ ڀائيچاري جي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فلسطين مسئلي جي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن مو??ب منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار ح?? جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاران شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن